برطانوي شاهي جوڙو پنج ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

news

اسلام آباد: پاڪستاني اعليٰ اختيارين شهزاده وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن کي رخصت ڪيو. شاهي مهمانن اڄ هڪ دفعو وري ايس او ايس وليج جو دورو ڪيو ۽ ٻارن سان گپ شپ ڪئي.

خميس واري رات اسلام آباد ۾ خراب موسم سبب شاهي جوڙي جي جهاز کي واپس لاهور لينڊ ڪرڻو پئجي ويو هو. شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن لاهور جو دل کٽي اسلام آباد ويا، جتي برطانوي شاهي جوڙي آرمي ڪينائن سينٽر جو دورو ڪيو.

شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن پنهنجي دوري دوران چترال جي حسين وادين جو به نظارو ڪيو هو. اسلام آباد ۾ پاڪستان مانومنٽ ۾ ٿيندڙ تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

برطانوي مهمانن صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان به ملاقاتون ڪيون.

شهزادي ڪيٽ مڊلٽن دوري دوران پاڪستاني ثقافت جي رنگن ۾ رڱيل نظر آئي. ان جي مشرقي انداز جي سڄي دنيا ۾ ڌوم متل رهي.