صوبائي وزير صحت ۽ پاپوليشن سنڌ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو نوابشاهه پهتي، سنڌ جي ٽئين ريجنل بلڊ سينٽر جو افتتاح

news

نوابشاھه: جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع، صوبائي وزير صحت ۽ پاپوليشن سنڌ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو نوابشاهه ۾ ڊي ايڇ او آفيس ڀرسان جرمن اداري جي تعاون سان تعمير ڪيل سنڌ جي ٽئين ريجنل بلڊ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پ پ پ جو منشور آهي ته عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون ۽ اڄ مونکي  ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو سنڌ ۾ ٽيون وڏو ريجنل بلڊ سينٽر قائم ٿي ويو آهي،

هن چيو ته مان جرمني جي ماڻهن ۽ حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن سنڌ حڪومت جي مدد ڪئي ۽ ريجنل بلڊ سينٽر قائم ٿيو، هن چيو ته نوابشاهه ۾ چار يونيورسٽيز آهن اتي جي نوجوان کي منهنجي اپيل آهي ته اهي وڌ کان وڌ هن سينٽر ۾ رت جو عطيو فراهم ڪن ان سان گڏ هتان جو آفيسر، شهري پڻ رت جي عطي لا۽ اڳتي اچن، هن چيو ته شهيد بينظير آباد ۾ قائم هن ريجنل بلڊ سينٽر مان شهيد بينظير آباد سانگهڙ، نوشهروفيروز، عمرڪوٽ ميرپورخاص ۽ دادو جي ماڻهن کي به صاف رت ملندو، انهي موقعي تي جرمني جي ڪائونسل جنرل يو جن وولف چيو ته جرمني حڪومت  هميشه پاڪستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي ۽ اسان جي تعاون سان سنڌ ۾ هي ٽيون ريجنل بلڊ سينٽر قائم ٿيو آهي ۽ نومبر ۾ اسان ڪراچي ۾ به ريجنل بلڊ سينٽر کولي رهيا آهيون،

هن چيو ته مليريا هيپاٽائيٽس بي سي ۽ ٿيلسيما جي موذي مرضن کي روڪڻ لاءِ صاف رت جي وڏي  ضرورت آهي، هن چيو ته هن سينٽر جي قائم ٿيڻ سان سنڌ جي ماڻهن کي وڏو فائدو ملندو، انهي موقعي تي سيڪريٽري صحت سعيد احمد اعواڻ ڊاڪٽر در ناز، رٽائرڊ جرنل معين الدين حيدر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،

جڏهن ته تقريب ۾ ڊي سي شهيد بينظير آباد ابرار احمد جعفر، ايڊيشنل ڪمشنر نوابشاهه پرويز احمد بلوچ پوفيسر شمس الدين شيخ، ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي، آفتاب احمد زرداري، ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته فاطميد فائونڊيشن پاران مهمانن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا،

هوڏانهن پروگرام جي آخر ۾ ميڊيا جي نمائندن صوبائي وزير صحت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي پر صوبايئ وزير صحت ڊاڪٽر عذرهه فضل پيچوهو ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري تيزي سان پروگرام مان هلي وئي،

هوڏانهن صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڊي سي آفيس نوابشاهه ۾ڊي سي شهيد بينظير آباد پاران ٻه ڪيري ايمبولنس ۽ هڪ صحت کاتي جي ايمبولنس گورنمنٽ ڊسنسري منڍ جمڙائو، ڄام صاحب ۽ ڪريم بخش بروهي لاءِ ڊي ايڇ او معين الدين جي حوالي ڪيون.