نوابشاهه ۾ دولت ڪالوني جي رهواسين جو ٽئين ڏينهن به اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج

news

نوابشاھه: جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع، نوابشاهه جي علائقي دولت ڪالوني جي رهواسي عابد مڪراني، امجد حسين بلوچ، امام الدين ملاح نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ٽئين ڏينهن به اسپتال جي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيون آهي ته اسپتال ۾ غريب مريضن سان ظلم آهي ۽ جيڪي غريب مريض اسپتال ۾ اچن ٿا انهن کي ڪابه سهولت نٿي ڏني وڃي،

هنن چيو ته اڄ اسان کي ٽيون ڏينهن آهي اسان احتجاج تي ويٺا آهيون ليڪن انتظاميه کي ڪن تي جونءَ  نه نٿي ڇُري، هنن چيو ته مريضن کي هڪ روپئي جي به گوري نٿي ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مريض جو آپريشن آهي ته اهو سامان به نٿو ملي،

هنن چيو ته هن اسپتال جي سالانه هڪ ارب 54 ڪروڙ بجيٽ آهي ليڪن ملي ڇتي ڪُتي جي ويڪسين به ڪانه ٿي، هنن چيو ته اسپتال ۾ تيار ٿيندڙ مريض ۾ کاڌو انتهائي ناقص آهي جنهن جي کائڻ سان مريض وڌيڪ بيمار ٿي وڃي ٿو، هنن چيو ته موجوده انتظاميه اسپتال جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي،

هنن چيو ته صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فصل پيچوهو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ته اسپتال ۾ موجود مسئلا حل ڪرائي مريضن کي رليف ڏنو وڃي.