نوابشاهه جي پورهيت پاران واپڊا ميٽر ريڊر جي نا انصافين خلاف بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي احتجاج

news

نوابشاھه: جمعو 18 آڪٽوبر 2019ع، نوابشاهه جي پورهيت پاران واپڊا ميٽر ريڊر جي نا انصافين خلاف بجلي جي کنڀي تي چڙهي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان کي کنڀي تان لاهي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي ميٽر ريڊر خلاف ڪاروائي نه ٿي سگهي پوليس ميٽر ريڊر جي پُٽ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

خبر موجب نوابشاهه جي علائقي سوسائٽي جي رهواسي پورهيت نوجوان ولي محمد ڊومڪي گهر ۾ لڳل بجلي جي ميٽر جو وڌيڪ بل اچڻ خلاف سوسائٽي ۾ قائم واپڊا ٻاهران بجلي جي کنڀي تي چڙهي واپڊا جي نا انصافين خلاف خودڪشِي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته واپڊا آفيس وارن اي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس نوجوان کي کنڀي تان لاهي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي جڏهن ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان ولي محمد ڊومڪي جو چوڻ آهي ته مان غريب پورهيت آهيان رڪشو هلائي پنهنجي ٻچن جو مشڪل سان پيٽ پاليندو آهيان.

جڏهن ته واپڊا جو ميٽر ريڊر بهادر چنڙ هر مهيني ميٽر بغير ڏسڻ جي وڌيڪ يونٽ لکي موڪلي جيڪا مونسان وڏي نا انصافي آهي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل واپڊا ميٽر ريڊر بهادر چنڙ جي پُٽ آفاق علي چنڙ کي پوليس حراست ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.