گسٽا ضلعي سجاول طرفان مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي ريلي

news

سجاول: جمعو 18 آڪتوبر 2019ع،  گسٽا ضلعي سجاول طرفان مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي ريلي ڪڍي استادن سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي۔

سجاول ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر جي تنظيم گسٽا ضلعي سجاول جي صدر غلام قادر باغي، سيڪريٽري جنرل عبدالرحيم قاضي،محمود کٽي،عاصم رشيد،حسين آزاد ۽ خالد کٽي جي اڳواڻي ۾ هاء اسڪول سجاول کان پتڻ ناڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ سوين استادن کي غلام قادر باغي،حسين آزاد، خالد کٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ بايو ميٽرڪ جي نالي تي سوين استادن کي غير حاضر قرار ڏنو ويو آهي جڏهن تہ اهي ئي استاد پنهنجي اعلي آفيسرن جي حڪم تي ٻين اسڪولن ۾ پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهن،

هنن چيو تہ حڪومت پهرين بايو ميٽرڪ سسٽم کي ٺيڪ ڪري پوء استادن کي ڏوھ ڏي، هنن چيو تہ هندستان ۾ جيڪڏهن استاد حج يا عمري تي ويندو آهي تہ کيس حڪومت پاران سبسڊي ڏني ويندي آهي ۽ اڌ خرچ حڪومت ڀريندي آهي پر هتي مسلمان ملڪ ۾ مسلمان حڪومت استادن تي بيرون ملڪ وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي جيڪو استاد دشمن فيصلو هئڻ سان گڏو گڏ انساني حقن جي بہ خلاف ورزي آهي،

هنن چيو تہ سپريم ڪورٽ بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ ايم اي،بي اي  جون ايڊوانس انڪريمنٽون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر سنڌ ۾ اڃان تائين ان تي عمل نہ پيو ٿئي جيڪو عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي آهي انڪري ايڊوانس انڪريمنٽون جلد کان جلد بحال ڪيون وڃن،

هنن چيو تہ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي 10 سالن جو وڏو عرصو گذرڻ باوجود اڃان تائين پڪو نہ ڪيو ويو آهي جيڪو ميرٽ سان مذاق آهي، هنن وڌيڪ چيو تہ حڪومت استادن کي فرشتو ڏسڻ ٿي چاهي پر خود استاد دشمن فيصلا ڏئي استادن جي زندگي جهنم بنائي وئي آھي.

هنن مطالبو ڪندي چيو تہ بايو ميٽرڪ سسٽم ٺيڪ ڪري ان کي ضلعي سطح تي آندو وڃي، بي ايڊ، ايم ايڊ ۽ بي اي، ايم اي جون ايڊوانس انڪريمنٽون بحال ڪيون وڃن،

حج ،عمرو ،زيارتن لاءِ ٻاھرين ملڪ وڃڻ تي پابندي ختم ڪئي وڃي، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،