خيرپور ۾ نامعلوم ماڻهن جي گهر تي فائرنگ، پيءُ مارجي ويو، پٽ زخمي

news

خيرپور: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) خيرپور ۾ نامعلوم ماڻهن گهر مٿان فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ مارجي ويو جڏهن ته سندس پٽ زخمي ٿي پيو.

تفصيل موجب خيرپور جي ڳوٺ حاجي خان مري ۾ نامعلوم ماڻهن جي گهر تي فائرنگ سبب پيءُ مارجي ويو جڏهن ته ان جو پٽ زخمي ٿي پيو آهي.

پوليس لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب واقعو مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار جو نتيجو آهي.