مولانا فضل الرحمان وٽ ڌانڌلي جا ثبوت ناهن ته هو پنهنجو وات بند رکي: ڪنول شوزب

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪنول شوزب چيو آهي ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان وٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۽ فارم 45 بابت ثبوت ناهن ته هو پنهنجو وات بند رکي.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ پي ٽي اءِ اڳواڻ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ کي مخاطب ٿيندي چيو ته فصل الرحمان خواهشن جو بنياد بنائي چونڊيل وزيراعظم کي نٿو هٽائي سگهي. هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو اڳواڻ پاڻ کي مذهبي اڳواڻ چوي ٿو پر هن سڄي زندگي ٻين جي ايمان تي تهمتون هنيون آهن.

ڪنول شوزب الزام هنيو ته فضل الرحمان ٻين کي يهودين جو ايجنٽ چوي ٿو  پر ان وٽ ان باري ۾ اڃان تائين ثبوت ناهن. نجي ٽي وي جي ان ئي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو ته عمران خان جو وات کليل آهي. ان لاءِ هن کي جيڪو اچي ٿو اهو چئي ٿو ڇڏي پر عورتن کي حجاب ڪرڻ گهرجي.

ڪامران مرتضيٰ چيو ته اسان 14 مهينن کان ثبوت گهري رهيا آهيو پر هي صرف الزام لڳائڻ ۾ مصروف آهي جيڪڏهن هنن وٽ ثبوت آهن ته اهي سامهون آڻين نه ته پنهنجو وات بند رکي.