ڪراچي جا ڊڄندڙ رانديگر پاڻ پنهنجي زوال جا ذميوار آهن: شعيب اختر

news

ڪراچي: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته پنجاب نه پر ڪراچي جا ڊڄندڙ رانديگر پاڻ پنهنجي زوال جا ذميوار آهن.

ويب سائٽ(ڪرڪيٽ پاڪستان) جي هڪ رپوٽ موجب شعيب پنهنجي يو ٽيوب چينل تي چيو آهي ته قومي ٽيم ۾ هاڻ ڪراچي جو صرف هڪ رانديگر اسد شفيق رهجي ويو آهي هو به تمام گهڻو ڊڄڻو انسان آهي.

64 ٽيسٽ کيڏڻ کان پوءِ جوءِ روٽ، ورات ڪوهلي يا بابراعظم سان گڏ هن جو نالو اچڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿي سگهيو. هن چيو ته جڏهن هڪ پنجابي ڪراچي جي ڇوڪري کي چئي رهيو آهي ته هوشيار ٿي وڃ پر هو تيار نه پيو ٿئي. ان ۾ اسان جو ڪهڙو قصور.

اسان سرفراز کي صرف سمجهائي سگهياسين ٿي ته مڪي آرٿر جي جڳهه تي پاڻ چارج وٺي ڇڏي. نون رانديگرن کي موقعو ڏيو، بدقسمتي سان سرفراز اسان جي ڳالهه نه بڌي.  هي حالتون ان جون پنهنجون پيدا ڪيل آهن. سرفراز 2 سالن کان مون کي ڊڄندڙ ڪپتان لڳي رهيو هو. مان هن کي چوندو رهيس ته پاڻ فيصلو ڪر ۽ سامهون اچي پرفارمنس ڏيکار پر هن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي. جنهن سبب اڄ هن کي اهي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن.