چين ۾ چوڏنهن سال اڳ فوت ٿي ويل اصلاح پرست اڳواڻ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

news

بيجنگ: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع)چين ۾ 2005 ۾ فوت ٿي ويل اصلاح پرست اڳواڻ کي 14 سالن بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 

برطانوي خابرو اداري موجب چيني اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري زائو زيانگ کي 1989ع ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ طاقت جي استعمال جي مخالفت تي پارٽي مان ڪڍيو ويو هو جنهن کان پوءِ هو پنهنجي  فوت ٿيڻ تائين گهر ۾ نظربند رهيو جڏهن ته سندس فوتگي 2005 ۾ ٿي.

بي بي سي موجب زائو زيانگ جون آخري رسمون خاموشي سان ادا ڪيون ويون جن ۾ سندس گهر واري سان گڏ ڪجهه ماڻهن کي شرڪت جي اجازت ڏني وئي. چيني اڳواڻ جي تدفين چين جي گادي واري شهر بيجنگ جي ڏوراهين علائقي ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ انتهائي سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا. تدفين ۾ صرف ويجهن وارثن شرڪت ڪئي.

جڏهن ته ان جي چاهيندڙن کي آخري رسمن ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي هئي. زائو زيانگ جي ڌيءَ پيءُ جي آخري رسمن جو عوامي سطح تي اعلان نه ٿيڻ تي معذرت ڪئي ۽ چيو ته اسان کي آخري وقت تائين ان حوالي سان ڪجهه به خبر نه هئي. بي بي سي موجب زائو يانگ کي چين جي اڳوڻي سپريم ليڊر ڊينگ زيائوپنگ متعارف ڪرايو هو جن کي ملڪ ۾ اقتصادي اصلاحن ۽ چين کي ٻاهرين دنيا جي لاءِ کولڻ جي لاءِ ڪنهن جي ڳولا هئي.

زائو زيانگ کي 1987ع ۾ ان وقت جي حڪمران پارٽي ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري بنايو ويو پر جمهوري اصلاحن جي لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ شهرين تي طاقت جو استعمال ڪرڻ جي بجاءِ ڳالهين جي حمايت تي سپريم ليڊر ڊينگ کيس گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.