اسپيس ايڪس ڪمپني خلا ۾ ٽيهه هزار سيٽلائٽس موڪلڻ جي لاءِ تيار

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) مشهور کرب پتي موجد ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪيترين ئي ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي ته هو خلا ۾ 30 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو.

انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايتري وڏي انگ ۾ ننڍا سيٽلائٽس موڪلڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو آهي. ان جا تفصيل گذريل هفتي ان وقت سامهون آيا جڏهن ايلون جي ڪمپني اسپيس ايڪس انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين(آءِ ٽي يو) ۾ هڪ درخواست جمع ڪرائي هئي. آءِ ٽي يو ۾ گڏيل قومن جي ذيلي ايجنسي آهي جيڪا مصنوعي سيارن کي خلا ۾ موڪلڻ جا سمورا معاملا ڏسندي آهي.

ڏنل درخواست موجب ڪمپني 1500 سيٽلائٽ جا 20 سيٽ مدار ۾ موڪليندي پر ان جي آءِ ٽي يو کان علاوه ٻين ادارن کان به ان جي منظوري ورتي ويندي. ان کان اڳ اسپيس ايڪس ڪمپني پهريان ئي 12 هزار سيٽلائٽ خلا ۾ موڪلڻ جي منظوري وٺي چڪي آهي جن مان 60 سيٽلائٽ خلا ۾ موجود آهن.

منصوبي تحت هي سڀ سيٽلائٽ اسٽار لنڪ نالي وائرليس انٽرنيٽ  نظام جي تشڪيل ڪندا. ڪمپني چيو آهي ته ان مصنوعي سيارن سان زميني مشاهدو به ممڪن ٿيندو. هر سيٽلائٽ جو وزن 330 کان580 ڪلو گرام ٻڌايو ويو آهي ۽ سمورا زمين جي واضح ۽ صاف تصوير وٺڻ جي اهل آهن پر جن مدارن ۾ هي ويندا اتي زميني فضا جا ڪجهه اثر موجود آهن جيڪي ان کي ڌڪي رگڙ سان ساڙي ڇڏيندا جنهن سان خلائي ڪچري يا اسپيس جنڪ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.