لاڙڪاڻي جي ننڍي چونڊ ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي وئي، ووٽرن کي ووٽ وجهڻ کان روڪيو ويو: مراد علي شاهه

news

سيوهڻ: (ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي جي  نيئنگ شريف ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي واري سيٽ تي اليڪشن تي وڏو افسوس ٿيو. پولنگ ڏهاڙي ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو پ پ پ اميدوار کي پولنگ اسٽيشن تي نه وڃڻ ويو جنهن جي مذمت ڪريان ٿو

هن چيو ته ڪالھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سيٽ ٻيهر کٽينداسين  فضل الرحمان جي  مارچ ۾ شرڪت بابت سياسي فيصلو هوندو اميد آهي مولانا جي مارچ ۾ معظم عباسي شرڪت ڪندو ڇو  ته مولانا اليڪشن ۾  سندس مدد ڪئي.

آصف علي زرداري تي اڃان تائين فرد جرم لاڳو نه ٿي آهي آصف علي زرداري جي طبيعت تي سخت ڳڻتي آهي جيڪڏهن زرداري صاحب کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي.