احتجاج سڀني جو حق آهي، ڏنڊا بردار مليشيا کي اجازت نه ڏينداسين: شاهه محمود قريشي

news

ملتان: شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا جو ڪو به امڪان ناهي. احتجاج سڀني جو حق آهي پر آئين ڏنڊا بردار مليشيا جي اجازت نٿو ڏئي. وزيراعظم جي ٺاهيل ڳالهين واري ڪميٽي کي مثبت ورتو وڃي. سياسي عمل ۾ ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم ايران  سعودي عرب جا دورا ڪيا. وزيراعظم جي ڪوشش آهي خطي ۾ ڪو به تڪرار نه هجي. ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته معاملن کي سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪيو ويندو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو مستقبل روشن آهي. معيشت جي بهتري جي لاءِ خطي ۾ امن ۽ اسحتڪام قائم ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي ڀارتي ڪوششون ناڪام وينديون. ڀارتي پرڏيهي وزير هر ملڪ ۾ پاڪستان جي مخالفت جي اپيل ڪئي. اسان جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي جو اسان بليڪ لسٽ ٿي نه سگهياسين.

پاڪستان جي عوام ڪشمير جي صورتحال کي سمجهي ٿي. عوام انتشار جو حصو نه بڻجي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين جي هوندي.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جي ضمني اليڪشن برسات جو هڪ پهريون قطرو آهي. بلاول ڀٽو اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جي خلاف ورزي ڪئي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين 5 ڏينهن تائين حلقي ۾ مهم هلائي، جيڪي ماڻهو احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي پرامن طريقي سان ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته افغانستان ڌماڪي مذمت ڪريون ٿا. افغانستان ۾ امن علائقي ۾ امن سان سلهاڙيل آهي. وزيراعظم 9 نومبر تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪندو. من موهن سنگهه کي مون دعوت ڏني آهي ۽ ان قبول ڪري ورتي آهي.