پيپلز يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنسز فار وومين نوابشاهه جي لطيف ھال ۾ ڪرنٽ ٽرينڊس ان اوسٽيوآٿرائيٽس جي عنوان هيٺ تقريب منعقد

news

نوابشاھه: ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع، پيپلز يونيورسٽي ميڊيڪل اينڊھيلٿ سائنسز فار وومين نوابشاهه جي لطيف ھال ۾ ڪرنٽ ٽرينڊس ان اوسٽيوآٿرائيٽس جي عنوان هيٺ سمپوزيم ٿيو۔

جنھن ۾خاص مھمان خاص پروفيسر سيد محمد اويس ، ڊاڪٽر مجاهد خٽڪ، ڊاڪٽر عمران علي شاهه، ڊاڪٽر عمر ٻٽ، ڊاڪٽر محمد اختر يگ، سيداآمر جليل ھئا جن ھڏن جي بيمارين تي ڳالھايو، ۽ انھن جي بچاء ۽ حفاظت بابت مشوراڏنا۔

انھي موقعي تي ھڏن جي وارڊ جو چيئرمين ڊاڪٽر ڪرم علي شاھ ۽ ٻين آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا، جڏھن ته يو نيورسٽ جون شاگردياڻيون استاد موجود ھئا۔

آخر ۾ آيل مهمانن کي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا.