آزادي مارچ دوران امن ۽ امان جي صورتحال، خيبرپختونخواهه حڪومت اٺ رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

news

پشاور: مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ سبب امن ۽ امان جو جائزو وٺڻ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت 8 رڪني پارلياماني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پشاور مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪميٽي ۾ سڌ سماءُ وارو صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي، مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، صوبائي گهرو سيڪريٽري، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شامل آهن.

ڪميٽي اسلام آباد مارچ سان پيدا ٿيندڙ امن ۽ امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي. ذريعن موجب ڪميٽي کي مولانا فضل الرحمان سان رابطي ڪرڻ جو ٽاسڪ به سونپيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان پهرين وفاقي حڪومت به ان ضمن ۾ پرويز خٽڪ جي قيادت ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪري چڪي آهي. وفاقي حڪومت جي طرفان ٺاهيل ڪميٽي ۾ پرويز خٽڪ کانسواءِ پير نورالحق قادري، شفقت محمود، اسد عمر، اسد قيصر، چوڌري پرويز الاهي ۽ سينيٽ جو چيئرمين صادق سنجراڻي شامل آهن.