ٽنڊو محمد خان ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليھي جي موقعي تي ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا

news

ٽنڊو محمد خان: ڇنڇر19 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان  ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليھي  جي  موقعي تي 5  کان وڌيڪ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا جيڪي شهر جي مختلف پڙن کان ٿيندا مرڪزي امام بارگاهه الحسيني تي پهتا جتي مجلس عزا ٿي گذري۔

جنهن کي علمائن خطاب ڪندي ڪربلا جي شهيدن جي ياد کي تازو ڪيو جنهن بعد مرڪزي ماتمي  جلوس ذوالجناحن علم پاڪن سيجن سان برآمد ڪيو ويو جيڪو شهر جي شاهي بازار کان ٿيندو ساٽي محلا ۾ پهتو جتي عزادارن عزادي  ۽ مجلس عزا ادا ڪئي وئي.

جنهن بعد ماتمي جلوس ۾  مو جود  ھزارين  مومنن طرفان  زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو ماتم  دوران ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي ايمبولينس ذيعي فوري طبي امداد لاءٌ شهر جي مختلف اسپتال ڏانهن نيو ويو ا.

جڏھن ت ساڳيو مرڪزي ماتمي  پڙشھر جي شاھي بازرار کان ٿيندو مرڪزي  انجمن الحسيني مير جي پڙ پھتو جتي پڻ عزادرن پاران نوح خواني ڪرڻ بعد  زنجيرن تي ماتم ڪيو ويو.

جنهن بعد  ماتمي جلوس امام بارگاھ حسيني  پھتو , ٻي طرف سومراھ محلي ۾ امير بخش سٺيو  جي رھائش گاھ تي پڻ مجلس عزا پڻ ٿي گذري ۽ ماتمي جلوس پڻ  بر آمد ٿيو , ماتمي جلوسن  دوران سيڪورٽي جا انتظام  انتهائي سخت   ڪيا.

ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪندڙ جي سخت چيڪينگ کان پوءٌ جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني پئي۔