درازا شريف ڀرسان ڳوٺ وريوواهڻ ۾ آر ڊي ٽياسي ابل واهه کي پنجويهه فٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ

news

گمبٽ: ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2019ع، درازا شريف ڀرسان ڳوٺ وريوواهڻ ۾ آر ڊي 83 ابل واهه کي 25 فٽ گهارو مڇي جي تلاء سميت زمين تي بيٺل کجين جا باغ جوئر جو فصل ووڻن جا فصل پاڻي هيٺ لکين رپين جو نقصان پاڻي گهرن طرف وڌڻ لڳو ايريگيشن عملو نه پهتو۔

ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف تفصيل موجب درازا ڀرسان ڳوٺ وريوواهڻ ۾ آر ڊي 83 ابل واهه کي 25 فٽ گهارو مڇي جي تلاء سميت زمين تي بيٺل کجين جا باغ جوئر جو فصل ووڻن جا فصل پاڻي هيٺ لکين رپين جو نقصان پئجي ويو۔

  پاڻي گهرن طرف وڌڻ لڳو ايريگيشن عملو نه پهچڻ خلاف ڳوٺاڻن ربنواز جوڻيجو رحيم بخش ميان تنوير فاروقي سائڏنو جوڻيجو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ابل واهه جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري اڄ آر ڊي 83 وٽان گهارو پئجي ويو جنهن ڪري اسان جي مڇي جا تلاء ووڻن جو فصل پڻ ٻڏي ويو.

هاڻي پاڻي اسان جي گهرن طرف وڌي رهيو آھي ايريگيشن جي ايس ڊي او علي حسن منگي کي ٻڌايو پر ان ڪجهه به نه ڪيو اسان غريب مسڪين ڳوٺاڻا ان فصلن تي گذارو ڪندا آھيون.

جيڪو اڄ ايريگيشن جي نااهلي ڪري اهو فصل به ٻڏي ويو اسان آبپاشي وزير کان مطالبو ٿا ڪيون ته عملي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي۔