ايف اي ٽي ايف گري لسٽ مان سريلنڪا جو نالو ڪڍي ڇڏيو

news

ڪولمبو: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) فائنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) گري لسٽ مان سريلنڪا جو نالو ڪڍي ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب سريلنڪن حڪومت جي طرفان دهشتگردي بابت مالي وسيلن جي فراهمي کي روڪڻ واري قدمن جي پيش نظر ايف اي ٽي ايف ان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته 2 سال اڳ آڪٽوبر 2017 ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ سريلنڪا کي گري لسٽ ۾ شامل ڪري ان کي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن کي مالي مدد ڪرڻ بابت قدم کڻڻ جو چيو ويو هو.

واضح رهي ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس پيرس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي بجاءِ في الحال گري لسٽ ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو هو. ايف اي ٽي ايف جي صدر مختصر پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان جي طرفان کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ کي روڪڻ جي لاءِ سٺا قدم کنيا آهن. 

پاڪستان جي ڪاررڪدگي کي ٻيهر ڏسڻ جي لاءِ ايف اي ٽي ايف جو ايندڙ اجلاس فيبروري 2020  ۾ پيرس ۾ ٿيندو. برطانوي خابرو اداري موجب ايندڙ سال فيبروري تائين پاڪستان  طرفان کنيل قدمن تي سخت نظر رکي ويندي جنهن کان پوءِ ايف اي ٽي ايف فيصلو ڪندو ته ان کي ڪهڙي لسٽ ۾ جڳهه ڏني وڃي.