پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ وارا ڀارتي خواب مٽيءَ ۾ ملي ويا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

news

سيالڪوٽ: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ ڀارتي خواب مٽيءَ ۾ ملي ويا.

ايف اي ٽي ايف مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موجوده حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اسان جي بهترين ڪاوشن جو به اعترف ڪيو آهي.

   پاڪستان ان حوالي سان وڌيڪ قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو هو ته ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان پنهنجي مخلصانه ڪاوشن سان پاڪستان جو حقيقي مثبت شخص دنيا جي سامهون آڻي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ آهي. ايندڙ ڪجهه مهينا انتهائي اهم آهن اهڙي صورتحال ۾ مولانا فضل الرحمان مليشيا ۽ ٻين سان گڏ دهشت جي علامت بڻجي ملڪ ۽ قوم جي وقار کي ڇو مجروح ڪرڻ چاهي ٿو.