پاڪستان ۾ امن جي بحالي لاءِ قمر جاويد باجوه جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: اڳوڻو برطانوي جنرل

news

لنڊن: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) برطانيه جي فوج جي رٽائرڊ ميجر جنرل جوناتهن ڊيوڊشا چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن بحال ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ اهم ڪردار آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري ۾ لکيل هڪ مضمون ۾ رٽائرڊ ميجر جنرل جوناتهن ڊيوڊشا چيو آهي ته 2009  ۽ 2010 جي دوران مان پاڪستان جو ڪيترائي ڀيرا دورو ڪيو. ان وقت پاڪستان ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو هو. پاڪستان افغان بحران سبب ايندڙ 27 لک افغان پناهگيرن کي سنڀالي رهيو هو. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ صورتحال ۾ تبديلي اچي وئي. دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي جا بهتر نتيجا نڪتا. مان دره خيبر جو به دورو ڪيو. افغانستان تي 833 ڪلو ميٽر ڊگهي ڪنڊيدار تار ۽ 700 حفاظتي قلعا بڻجي چڪا آهن. جلد ئي سرحد تي سي سي ٽي وي ۽ سينسر لڳايا ويندا. 

جوناتهن ڊيوڊ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن بحال ٿي چڪو آهي جنهن جو ڪريڊٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڏانهن وڃي ٿو. برطانوي شاهي جوڙي جي دوري سان نظر آيو ته پاڪستاني ۾ اندروني سيڪيورٽي جي صورتحال  تمام گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي ان دوري سان پاڪستان جو هڪ مثبت تاثر اڀريو آهي. اڳوڻي  برطانوي فوجي آفيسر چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ حقاني نيٽ ورڪ جي خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

ان قدمن سان پاڪستان جا دهشتگردي جي خلاف بهتر عزم ظاهر ٿي رهيا آهن. ان سمورن قدمن جي پويان آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي اڻٿڪ محنت لڪل آهي. جنرل باجوه کي جمهوري سوچ رکڻ سبب ڪيترن ئي سينئر آفيسرن تي اوليت ڏئي آرمي  چيف جو عهدو ڏنو ويو.

هن علائقائي تڪرارن  جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن يمن ڇڪتاڻ، سعودي عرب ۽ ايران جو تڪرار ۽ افغانستان ۾ امن ڪوششن جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو.