وزيراعظم سياسي، معاشي ۽ قومي معاملا سنڀالڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب

news

اسلام آباد: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائق ۽ نااهل وزيراعظم سياسي، معاشي ۽ قومي معاملا سنڀالڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي. 

مريم اورنگزيب چيو ته نااهل وزيراعظم جي استعيفيٰ جي مطالبي کان پوئتي نٿا هٽي سگهون. ملڪ ۾ افراتفري ڦهليل آهي. وزيراعظم ۽ وزيرن جي بيان مان لڳي رهيو آهي ته عمران صاحب سياسي مخالفن مان ڊنل آهي.

هن چيو ته اڄ غريب عوام، واپاري، نوجوان هر طبقو نالائق حڪمرانن جي ڪري بيزار ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻ عوام کي ڊيڄاري نٿو سگهجي هاڻ حڪومت خلاف هڪ هڪاڻي جو ٽائيم شروع ٿي ويو آهي.

عمران خان جا بيان اڄ به ائين لڳي رهيا آهن جيئن لڳي پيو ته هو اڃان تائين ڪنٽينر تي بيٺل آهي.