يوگا مردن کان وڌيڪ عورتن لاءِ فائديمند آهي: آمريڪي ماهر

news

واشنگٽن: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) اڄڪلهه جي دور ۾ جتي انسان بيشمار پريشانين ۾ گهيريل آهي ته ان پريشانين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ جسماني ۽ دماغي صحت کي بهترين بنائڻ جي لاءِ يوگا کي نهايت ئي مفيد سمجهيو ويندو آهي.

يوگا هڪ اهڙي پرسڪون ورزش آهي جنهن سان انسان جي جسماني ۽ دماغي صحت تي سٺا ۽ مثبت اثر پوندا آهن. ڇا اوهان کي ان ڳالهه جي خبر آهي ته يوگا ڪرڻ سان مردن کان وڌيڪ عورتن جي صحت تي بهترين نتيجا پون ٿا. جي ها آمريڪي ماهرن طرفان هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن جو هي نتيجو سامهون آيو آهي ته يوگا مردن کان وڌيڪ عورتن جي صحت جي لاءِ فائديمند آهي.

برائون يونيورسٽي جي محققن موجب يوگا مردن جي مزاج کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ بهترين ثابت ناهي ٿي ڇو ته عورتن ۾ شين تي دير تائين غور ۽ فڪر ڪرڻ جي صلاحيت آهي جيڪا خاص طور تي مردن ۾ ناهي هوندي.