حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون: مولانا فضل الرحمان

news

اسلام آباد: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين ۽ اڄ رات جو حڪومت سان ڳالهين واري خبر ۾ ڪابه صداقت ناهي.

مردان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومتي وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۾ ٺاهه واريون ڳالهيون گهٽ پر ڌمڪيون  وڌيڪ هيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته جنهن حڪومت جو پنهنجو آئيني ۽ قانوني جواز نه هجي اهي ڪهڙيون اسان کي آئيني حدون ٻڌائيندا. هن ٻڌايو ته حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون ۽ ان حوالي سان رهبر ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ مخالف ڌر جو گڏيل موقف سامهون ايندو ۽ ان کان پوءِ عمل ٿيندو.

مولانا فضل الرحمان چيو ته انصارالاسلام رضاڪار تنظيم ۽ اي سي پي سان گڏ رجسٽرڊ آهي. جيڪا حڪومت رضاڪارن کان خوفزده هجي اها هٿياربند تنظيمن جو ڪهڙو مقابلو ڪندي. هن چيو ته مخالف ڌر هڪ پليٽ فارم تي آهي ۽ ان جو هڪ ئي حدف آهي ته اسان ادارن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان تي مشڪل وقت آيو ته ڏنڊا بردار محاذ تي هوندا.