وڏي عمر ۾ ورزش ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا به نڪري سگهن ٿا: تحقيق

news

لنڊن: (آچر 20 آڪٽوبر 2019ع) سائسندانن 36 هزار وڏي عمر جي ماڻهن جي مشاهدي کان پوءِ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته وڏي عمر جي ماڻهن جو پاڻ کي فٽ رکڻ جي لاءِ غير محتاط ورزش جو معمول ان جي صحت جي لاءِ خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو.

برطانوي تحقيقي ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته نوجواني واري عمر ۾ ورزش کي معمول بنائڻ گهرجي ان سان صحتمند رهي سگهجي ٿو ۽ وڏي عمر به حاصل ڪري سگهجي ٿي پر غفلت ۾ گذاريل جواني کان پوءِ وڏي عمر ۾ ورزش ڪرڻ سان ان جا نتيجا خطرناڪ ايندا آهن. وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجي ڊاڪٽر کان مشوري کان پوءِ ورزش ڪرڻ گهرجي.

آمريڪي ۽ برطانوي تحقيق ڪارن وزن ۾ اضافي ۽ عمر وڌڻ سان گڏ موت جي تعلق جو مشاهدو ڪيو ۽ نتيجن جي طور تي وزن گهٽ ڪرم سان جسم ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ وقت کان موت جي خدشي کي به بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ دل جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي غير محتاط ورزش سبب وقت کان اڳ موت جي خطرن کي منهن ڏيڻو پيو.

پروفيسر آن پين جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو جيڪي سموري عمر موٽا  هوندا آهن اهڙن ماڻهن جي وقت کان اڳ موت جا امڪان به وڌيڪ هوندا آهن. اهڙي طرح 20 سال جي عمر کان پوءِ وزن وڌڻ ۽ وچ واري عمر تائين به اهائي ڪيفيت رهندي آهي.