مورو ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ء شھداءِ ڪربلا جي چاليھي جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

news

مورو: آچر 20 آڪٽوبر 2019ع، حضرت امام حسين عليه السلام ء شھداءِ ڪربلا جي چاليھي جي سلسلي م مورو جي مرڪزي امام بارگاھہ حسيني مورو مان شعيا اڳواڻ سيد شبير علي شاھ، سيد ڪوڙل شاھ، محمد صالح ٻرڙو، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، علي اڪبر بٽ ء ٻين جي اڳواڻي م علم پاڪ ء ذوالجناح تي مشتمل سوين شيعا عزادارن سان ياحُسين ياحُسين جي صدائن سان بر آمد ٿيو۔

جيڪو شھر جي مختلف پڙن کان ٿيندو ميجر چونڪ مورو وٽ پھتو جتي مومنين پاران نوحي خواني تي زنجيرن زني، گرزن چاقن جو ماتم ڪيو ويو جنھن دوران ڪيترائي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مورو پاران لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ تي آندو ويو۔

جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏئي مرھم پٽي ڪئي وئي جڏھن تہ ماتمي جلوس سينا زني جو ماتم ڪندو مين شاھي بازار جي مجلس چونڪ پھتو جتي شيعا عزادارن جي اجتماع کي خطاب ڪندي شيعا ذاڪر خطاب ڪندي چيو تہ امام حسين عليھ السلام جي قرباني لازوال قرباني آھي ء امام حَسين عليھ السلام جي قرباني ھر ضمير باڪردار جي قرباني آھي مولا پنھنجي ٻچڙن جي قرباني ڏئي دنيا کي اھو پيغام ڏنو تہ وقت جي ڪنھن بہ يزيد اڳيان حق سچ جي راھہ تي ھلندڙ کي ھرگز ناھي جھڪڻو، اسلام جو علم اونچو ڪرڻ لاءِ ھر قرباني کان ھرگز نہ گھٻرايو.

. بعد م ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاھ حُسيني تي پھچي نھر ٿيو جتي 72 شھيدن جي زيارت ڪرائي وئي ء سيد رياض حسين شاھہ پاران اجتماعي دعا گھري آخر م آيل عزادارن کي لنگر نياز کارايو ويو. جڏھن تہ ھن ماتمي جلوس دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا ء ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھن جي چرپر تي نظر رکندي تلاشي ورتي وئي ء ڊي ايس پي مورو عبداللہ لاکير، ايس ايڇ او مورو زاھد حسين پنھور پوليس نفري سان گڏ روٽن جي وزٽ ڪيو ء ماتمي جلوس جي اڳيان پٺيان مورو بواءِ اوپن گروپ ء علمدار اسڪائوٽ جا رضاڪار پڻ خدمتون سرانجام ڏيندا رھيا.