جينيفر لارنس ۽ ڪڪ ماروني شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

news

لاس اينجلس: هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره جينيفر لارنس 34 سالن جي ڄمار واري آرٽ ڊائريڪٽر ڪڪ ماروني سان خاموشي ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي.

29 ورهين جي ڄمار واري آسڪر انعام يافته اداڪاره شادي جي تقريب ۾ صرف 150 ماڻهن کي ئي دعوت ڏني. جڏهن ته ان تقريب کي ميڊيا ڪوريج کان به پري رکيو ويو.

آمريڪي ميڊيا موجب جينيفر شادي جي تقريب ۾ سفيد رنگ جو دلڪش لباس پهري رکيو هو جڏهن ته گهوٽ کي ٽڪسيڊو پهريل هو. تقريب ۾ ڪنوار ۽ گهوٽ جي ويجهن رشتيدارن ۽ دوستن کي ئي دعوت ڏني وئي، جڏهن ته ان جي سيڪيورٽي لاءِ ڪيترن ئي محافظن کي مقرر ڪيو ويو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي جي وچ ۾ 2018ع ۾ تعلقات قائم ٿيا هئا ۽ فيبروري 2019ع ۾ جينيفر ۽ موروني مڱڻي ڪئي هئي.

جڏهن ته ان کان پهرين اداڪاره جا فلم هدايتڪار ڪارڊيرن ايرنوفسڪي سان تعلقات هئا، جنهن جو اداڪاره اعتراف به ڪري چڪي آهي.