ڪربلا جي شهيدن جي چهلم تي حيدرآباد ۾ مجلسي جلوس برآمد، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو) آچر 20 آڪٽوبر 2019ع، ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي ڏهاڙي تي حيدرآباد ۾ مرڪزي ماتمي جلوس، هزارين عزادارن جي شرڪت، سيڪيورٽي جا انتظام سخت، تفصيل موجب ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي ڏهاڙي تي حيدرآباد ۾ انجمن اماميه ٽرسٽ جي نگراني ۾ قدم گاهه مولا علي عه تان منجهند جو مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو،

مرڪزي ماتمي جلوس ۾ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا، پوليس ۽ رضاڪارن تلاشي وٺڻ بعد عزادارن کي واڪ ٿرو گيٽن مان مرڪزي ماتمي جلوس ۾ ڇڏيو،

جلوس ۾ هزارين عزادارن نوحه خواني، زنجير زني ۽ سينازني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي پرسو پيش ڪيو، مرڪزي ماتمي جلوس قدم کان پنهنجي مقرر ٿيل روٽ اسٽيشن روڊ، ڇوٽڪي گهٽي چوڪ، تلڪ چاڙهي چوڪ کان ٿيندو امام بارگاهه ڪربلا دادن شاهه تي نهر ٿيندو،

جتي مجلس عزا برپا ڪئي ويندي.. هوڏانهن حيدرآباد پوليس پاران امام سڳورن جي چاليهي جي ڏهاڙي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا ويا هئا، 15 سئو کان وڌيڪ اهلڪارن، رينجرس جي جوانن، ڪمانڊوز، ليڊي پوليس اهلڪارن ۽ رضاڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو،

ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، جڏهن ته ماتمي جلوس جي روٽن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائي جلوس جي مانيٽرنگ ڪئي وئي.

جڏهن ته مرڪزي ماتمي جلوس جي گذر گاهه سان لڳندڙ ننڍين وڏين گهٽين کي ڪنڊيدار ۽ ڪناتن سان سيل ڪيو ويو هو.