امام حسين عليه السلام ۽ سندس جان نثارن جو چهلم نئون ديرو ۾ به نهايت عقيدت، احترام سان ملهايو ويو

news

نئون ديرو:   آچر 20 آڪٽوبر 2019ع، امام حسين عليه السلام ۽ سندس جان نثارن جو چهلم نئون ديرو ۾ به نهايت عقيدت، احترام سان ملهايو ويو ۽ هر طرف “ لبيڪ يا حسين” جون صدائون بلند ٿي ويون.  چهلم جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهن مظلوم ڪربلا ۽ ويراڳي امام بارگاهه کان برآمد ڪيا ويا.

جڏهن ته شهر جي الحسيني، صاحب العصر الزمان، قمر بني هاشم، چهارده معصومين، بارگاهه امام مهدي سميت 10 کان وڌيڪ امام بارگاهن کان ننڍا وڏا ماتمي جلوس ۽ طعزيه برآمد ڪيا ويا جيڪي روايتي روڊن ۽ رستن کان ٿيندا الله واري چوڪ کان صدر چوڪ تائين واري روڊ تي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿي ويا.

مرڪزي ماتمي جلوس ۾ گڏ ٿيل عزادارن ماتم عزداداري ڪرڻ سان گڏ زنجير زني، سينا زني، چاقن ۽ ڇرين سان ماتم ڪري حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن کي رت سان ڀيٽا پيش ڪئي. هوڏانهن چهلم جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

نئون ديرو ۽ ڪيٽي ممتاز ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن کي الرٽ رکيو ويو جيڪي سڄو ڏينهن مرڪزي ماتمي جلوس توڙي ماتمي جلوسن جي گذر گاهن کان سيڪيورٽيءَ جا فرض سرانجام ڏيندا رهيا. جڏهن ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس نفري کي مقرر ڪيو ويو هو.

جتي پوليس سان گڏ مختار فورس جا رضاڪار پڻ ماتمي جلوسن جي سيڪيورٽي ڪري رهيا هئا ۽ هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کان جهڙتي وٺڻ بعد جلوسن اندر ڇڏيو پئي ويو.

جتي بعد ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي. هوڏانهن مجلس عزا بعد ماتمي جلوس روايتي روڊن رستن کان ماتم عزاداري ڪندا مرڪزي امام بارگاهن ۾ واپس نهر ٿي ويا.