ايل او سي جي خلاف ورزي تي ڀارتي فوج کي ناقابل برداشت نقصان پهچائينداسين: پاڪ فوج

news

راولپنڊي: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي ميڊيا جي طرفان آزاد ڪشمير ۾ مبينا ڪئمپن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج پنهنجي فوجين جي لاشون کڻڻ ۽ زخمين کي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ۾ سفيد جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي فوج کي بلااشتعال سيز فائر خلاف ورزين کان پهرين سوچڻ گهرجي، ڀارتي فوج کي عسڪري ادب جو احترام ڪندي شهري آبادين کي نشانو بڻائڻ نه گهرجي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت مبينا طور ڪئمپن کي نشانو بڻائڻ جي اوٽ ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي. ڀارت کي سيز فائر خلاف ورزين جو هميشه منهن ٽوڙ جواب ملندو.

هن جو چوڻ هو ته پاڪ فوج ايل او سي تي معصوم شهرين جي حفاظت جاري رکندي ۽ ايل او سي جي خلاف ورزي تي ڀارتي فوج کي ناقابل برداشت نقصان پهچائينداسين.

ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ڀارتي ميڊيا آزاد ڪشمير ۾ مبينا ڪئمپن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ اخلاقي جرئت آهي ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي سان ٿيندڙ نقصان ڏيکاري.

هن چيو ته ڀارتي ميڊيا گذريل دعوائن جي طرح اهو به ڪوڙو ثابت ٿيندو ۽ پاڪستاني ميڊيا جي اخلاقي قدرن تي عمل ڪندي ڀارتي ميڊيا ذميواراڻي رپورٽنگ ڪري.

ياد رهي ته ڀارتي فوج جي طرفان 24 ڪلاڪن دوران لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي بلااشتعال فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان ۽ 5 شهري شهيد ٿيا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج بلااشتعال ڀارتي فائرنگ جو موثر جواب ڏنو ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 9 ڀارتي فوجين کي ماري ڇڏيو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جڏهن ته 2 ڀارتي بنڪرز به تباهه ٿيا.