شهدادپور جي نور آباد ڪالوني ۾ ڏهه سالا نينگر ٽرالر جي هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت

news

شھدادپور:آچر 20 آڪٽوبر 2019ع، شهدادپور شھر جي نور آباد ڪالوني ۾  10 سالا اشفاق راجپوت ٽرالر جي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

جنهن جي لاش کي شهدادپور سمس اسپتال آڻڻ بعد قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن پوليس ٽريڪٽر ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي .

جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هوڏانهن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي.