خورشيد شاهه کي اڄ ڇهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

news

سکر: (سومر 21 آڪٽوبر 2019ع) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار خورشيد شاهه  کي اڄ ڇهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

تفصيل موجب رضا رباني سميت ٻيا وڪيل پ پ اڳواڻ جي طرفان احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندا. گذريل پيشي تي نيب 29 سوالن جا جواب جمع ڪرائڻ کان پوءِ پ پ اڳواڻ کي نئون سوال نامو ڏنو هو. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت پڇيون ٿا ته شاهه صاحب چوي ٿو ته فيملي وارن کان پڇو.

نيب جي وڪيل چيو ته نوازشريف ڪيس ۾ به اهوئي طريقو استعمال ڪندو هو. ان موقعي تي خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته اسان جي موڪل کي نوازشريف سان نه ملايو جنهن تي نيب ڪورٽ جي جج چيو ته جنهن جو ڪيس آهي ان کي ڳالهائڻ ڏيو. پنهنجي دليلن ۾ نيب جي وڪيل چيو ته خورشيد شاهه جي اڪائونٽ ۾ 30 ڪروڙ ڪٿان کان آيا. جڏهن خورشيد شاهه کان پڇيون ٿا ته هو ڪوبه جواب نٿو ڏئي

نيب جي وڪيل وڌيڪ چيو ته خورشيد شاهه وٽ 25 ڪروڙ جو گهر آهي. خورشيد شاهه جا ڪاٽن فيڪٽري ۾ 25 سيڪڙو شيئر آهن. ان کان علاوه خورشيد شاهه جي سکر ۽ ڪراچي ۾ ڪروڙين روپين جي ملڪيت آهي. اها ڪٿان آئي جنهن کان پوءِ عدالت خورشيد شاهه کي 21 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.