ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان

news

اسلام آباد:(سومر 21 نومبر 2019ع) ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. جڏهن ته مالاڪنڊ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي کِنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سومر جي ڏينهن پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو. جڏهن ته مالاڪنڊ ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جي ضلعي چترال ۽ دير ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ هلڪي برفباري پئجي سگهي ٿي.

ان کان علاوه مالاڪنڊ ۽ گلگت بلتستان ۾ بلند پهاڙي علائقن ۾ به برفباري جو امڪان آهي. ٻئي طرف رات جي وقت ۾ ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مٿانهين وچ ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. ڪوئٽه ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 25 سيڪڙو جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن  ڳڙهي دوپٽه ۾ 05 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.