ميانوالي: ايمبولينس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر، نو ڄڻا فوت

news

ميانوالي: (سومر 21 نومبر 2019ع) ميانوالي ۾ ايمبولينس ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. تفصيل موجب ميانوالي ۾ ملتان روڊ تي ايمبولينس ۽ ٽرالر جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو حادثي ۾ 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

فوت ٿي ويلن ۾ 3 مرد، 3 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. ريسڪيو ذريعن موجب بهکر جي علائقي الف سيال کان مريض ۽ ان جي وارثن کي راولپنڊي کڻي ويندڙ ايمبولينس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. ايمبولينس ۾ لڳل سلينڊر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي وئي جنهن سبب ايمبولينس ۾ سوار سمورا ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.

حادثي سبب ايمبولينس ٽريلر جي هيٺيان دٻجي وئي جنهن سبب ريسڪيو ٽيمن کي لاشون ڪڍڻ ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو.

حادثي کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي شاهديون جمع ڪري روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. ريسڪيو ٽيمن لاشن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.