ڪنهن به قسم جون ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، حڪومت غلط فهميون پيدا نه ڪري: مولانا فضل الرحمان

news

اسلام آباد: (سومر 21 نومبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي  اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون ناهن ٿي رهيون  ۽ ڳالهين جي حوالي سان حڪومت غلط فهميون پيدا ڪري رهي  آهي.

جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ آزادي مارچ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان ايمل ولي خان کي يقين ڏياريو ته عبدالغفور حيدري جي اڳواڻي ۾ ڪي به ڳالهيون ناهن ٿي رهيون. حڪومت ڳالهين بابت غلط فهميون پيدا ڪري رهي آهي.

جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڳالهين بابت ڪوبه فيصلو رهبر ڪميٽي ڪندي. ايمل ولي خان مولانا کي يقين ڏياريو ته اي اين پي پنهنجي اڳواڻ اسفنديار ولي خان جي حڪم موجب آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته اي اين پي پنهنجي تيارين کي آخري شڪل ڏئي رهي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري جي وچ ۾ ڳالهيون ان سبب ملتوي ٿي ويون هيون جو اهو تاثر پئي ويو ته جي يو آءِ(ف) سڌو سنئون حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ وڃي رهي آهي.