اسلام آباد مان جمعيت علماءِ اسلام(ف) جا ٻه اڳواڻ گرفتار

news

اسلام آباد: (سومر 21 نومبر 2019ع) وفاقي گادي واري شهر مان جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي 2 اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ميڊيا جي رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) جا 2  اڳواڻ مولانا شفيق الرحمان ۽ مولانا محمد ارشاد کي گرفتار ڪري ان جي خلاف شمس ڪالوني واري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس الزام لڳايو آهي ته جوابدارن قلم 144 جي لاڳو ٿيڻ جي باوجود انتظاميه  جي رٽ کي چيلنج ڪيو. جوابدارن  وٽان بينرز هٿ آيا آهن ۽ هو ماڻهن کي آزادي مارچ ۾ شرڪت جو چئي رهيا هئا.

پوليس موجب ڪجهه  ماڻهو ڌرڻي بابت بينرز لڳائي رهيا هئا جيڪي پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي لانڊهي جي عهديدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ صابر اشرفي، حنيف ۽ سليم نالي عهديدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب تحريڪ انصاف جي ڪارڪن ڪاشف نظامي نالي شخص جي مدعيت ۾ درج ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي لاءِ 50 هزار روپين جو تقاضو ڪيو ۽ سخت نتيجن جون  ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون.