مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر

news

لاهور: (سومر 21 نومبر 2019ع) جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب جسٽس امير بهٽي ڪالهه آزادي مارچ روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. آئيني درخواست ايڊووڪيٽ نديم سرور داخل ڪئي آهي جنهن ۾ درخواست ڏيندڙ جو موقف آهي ته مولانا فضل الرحمان اليڪشن هارائڻ کان پوءِ هاڻ مدرسه اصلاحات کان بچڻ جي لاءِ ڌرڻو هڻي رهيو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئيني حڪومت کي آئين جي تحت پنج سال جي مدت پوري ڪرڻ بنا ختم نٿو ڪري سگهي. درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته آئيني طريقي سان هٽي حڪومت کي ٺاهڻ آئين جي آرٽيڪل اي 2 ۽ 17 جي خلاف ورزي هوندي.

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته مولانا فضل الرحمان ڌرڻي جي حفاظت جي نالي تي پرائيويٽ آرمي ٺاهي ورتي آهي لهاذا ان کي،ڌرڻي کان روڪيو وڃي ڇو ته هي آئين جي آرٽيڪل 19، 16،15،9 2 جي خلاف ورزي آهي.

درخواست ڏيندڙ اپيل ڪئي آهي ته مولانا فضل الرحمان جي پرائيويٽ آرمي کي غيرآئيني ۽  غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. ياد رهي ته جي يو آءِ 27 آڪٽوبر کان ملڪ ۾ آزادي مارچ جو اعلان ڪيو آهي ۽ 31 آڪٽوبر تي قافلو اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو.