لبنان ۾ معاشي بحران: سخت احتجاج کان پوءِ حڪومت ڳالهين لاءِ تيار

news

بيروت: (سومر 21 نومبر 2019ع) لبناني وزيراعظم سعدالحريري معاشي اصلاحاتي پيڪيج تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب لبنان ۾ معاشي بحران سبب ملڪ گير سخت عوامي احتجاج کان پوءِ وزيراعظم سعدالحريري حڪومتي اتحادي پارٽي سان گڏ معاشي اصلاحاتي پيڪيج تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب لبنان ۾ معاشي بحران سبب وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ مظاهرين حڪمرانن تي ڪرپشن ۽ دوستن کي نوازڻ جو الزام لڳايو آهي. لبنان ۾ گذريل چئن ڏينهن کان جاري ملڪ گير احتجاج ۾ عوام جو وڏو انگ شريڪ آهي. جڏهن ته ان احتجاج کي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هي هڪ وڏو احتجاج قرار ڏنو ويو آهي. لبنان جي مخلوط حڪومت جي وزيراعظم سعدالحريري پنهنجي اتحادين کي اصلاحات تي رضامندي جي لاءِ 72 ڪلاڪ ڏنا هئا ۽ ان سان گڏ ئي هن استعيفيٰ جو به اشارو ڏنو جڏهن ته سعدالحريري پنهنجي مخالفن کي اصلاحن ۾ رڪاوٽ بنجڻ جو الزام لڳايو.

ميڊيا رپورٽ موجب اصلاحاتي پيڪيج ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته موجوده ۽ اڳوڻي صدر جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. جڏهن ته وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، رياستي ادارن ۽ ان جي عهديدارن جي مراعتن کي به گهٽ ڪيو ويندو. معاشي اصلاحاتي پيڪيج مرڪزي ۽ نجي بينڪن کي پابند ڪري ٿو ته هو آئنده بجيٽ ۾ خساري تي مڪمل قابو ڪرڻ جي حدف تائين پهچڻ جي لاءِ 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم فراهم ڪندو. ان کان علاوه معاشي اصلاحاتي پيڪيج ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۽ بجلي جي شعبي ۾ مهانگن پرزن جي مرمت جي حوالي سان نجڪاري جو منصوبو به شامل آهي.