آمريڪا ۾ هڪ واڳون گهر جي سوئمنگ پول اندر اچي ويو

news

نيويارڪ: (سومر 21 نومبر 2019ع) آمريڪا ۾ هڪ واڳون گهر جي سوئمنگ پول ۾ اندر اچي ويو جنهن کان پوءِ خوف ۾ ورتل رهواسين ريسڪيو اهلڪارن کي طلب ڪري ورتو.

ريسڪيو عملي واڳون کي آساني سان ٻاهر ڪڍي ورتو. ميڊيا رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ گهر مان 9 فٽ ڊگهو واڳون اندر اچي ويو ۽ سوئمنگ پول ۾ تري مزا وٺڻ لڳو.

گهر جا رهواسي ايترو وڏو واڳون ڏسي خوف  ۾ وٺجي ويا ۽ هنن ريسڪيو اهلڪارن کي طلب ڪري ورتو.

هڪ ريسڪيو اهلڪار نه صرف واڳون جي موجودگي ۾ جمپ هنيو پر هن واڳون سان گڏ ڪافي وقت راند به کيڏي ۽ آساني سان ان کي جهلي ڪلهي تي کڻي ٽرڪ ۾ وجهي روانو ٿي ويو.