پاڪستان ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڊينگي جا اٺ سئو ٽياسي نوان ڪيس داخل

news

اسلام آباد: (سومر 21 نومبر 2019ع) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 883 نوان ڪيس داخل ٿيا آهن جن جو گڏيل انگ 34359 ٿي ويو آهي.

صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد ۾ ڊينگي جا 135 مريض اسپتالن ۾ آندا ويا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل انگ 9713 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي انگن اکرن موجب پنجاب 7576 ۽ سنڌ ۾ 6147 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.

خيبرپختونخواهه ۾ 5789 ۽ قبائلي ضلعن  ۾ 491 ڊينگي ڪيس داخل ٿيا آهن. بلوچستان 2877، آزاد ڪشمير 1338 ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ 318 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب 18، سنڌ 19، پنجاب 10 بلوچستان 3، آزاد ڪشمير ۾ ڊينگي سبب 1 شخص فوت ٿيو آهي. هلندڙ سال ملڪ ۾ ڊينگي سبب 47 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڊينگي سبب هڪ مريض فوت ٿي چڪو آهي.