ڪراچي ۾ پلاسٽڪ جا آنا وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، سپلائر گرفتار

news

ڪراچي: (سومر 21 نومبر 2019ع) سنڌ فوڊ اٿارٽي پلاسٽڪ جي آنن جي وڪرو جي اطلاع تي مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪندي هڪ دڪاندار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پلاسٽڪ جي آنن جي وڪرو ٿيڻ جون شڪايتون سامهون اچڻ تي سنڌ فوڊ اٿارٽي پوليس سان گڏ هڪ دڪان تي ڪارروائي ڪئي.

اصلي آنن سان ملندڙ جلندڙ پلاسٽڪ جا نقلي آنا ملڻ تي آنا تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ جنرل اسٽور جي مالڪ کي به گرفتار ڪري سندس دڪان سيل ڪئي وئي آهي. ايس پي جاچ سوهائي عزيز جو چوڻ آهي ته پوليس جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ دڪاندار ۽ 2 سپلائرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مان هڪ کي فارم هائوس مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدارن وٽان آنن سان ڀريل ٽرڪ به هٿ ڪيو ويو آهي. ان ڳالهه جي خبر لڳائي پئي وڃي ته آنن جي سپلاءِ ڪٿان کان ڪئي پئي وڃي.