جروار ويجهو ڳوٺ پير بخش گبول وٽ روڊ تي نامعلوم شخص جو لاش هٿ

news

ميرپور ماٿيلو: سومر21 آڪٽوبر 2019ع، جروار ڀرسان ڳوٺ پير بخش گبول وٽ روڊ تي نامعلوم شخص جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي۔

جڏهن ته هٿ آيل لاش جي ڀرسان پسٽل به پيل آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ميرپور ماٿيلو اسپتال کڻائي آئي.

جڏهن ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ منير احمد ڪلوڙ ٿي آهي جيڪو عادلپور جو رهواسي آهي، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.