ڪوئيٽا ڌماڪو، ٽي پوليس اهلڪارن سميت پنج ڄڻا زخمي

news

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا جي علائقي اسپني روڊ تي پوليس وين جي ويجهو ڌماڪي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پوليس ذريعن موجب دهشتگردن ڌماڪو سان ڀريل مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو هو، ڌماڪي ۾ پوليس وين کي نشانو بڻايو ويو. دهشتگردي واقعي جي اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ فوري طور تي جاءِ واردات تي پهتا.

امدادي ٽيمن ايمبولينس جي ذريعي زخمين کي اپستال منتقل ڪيو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

ياد رهي ته ڪجهه وقت پهرين ڪوئيٽا جي علائقي زرغون روڊ تي به پوليس وين کي موٽرسائيڪل ۾ نصب بم سان نشانو بڻايو ويو هو. دهشتگردي جي ان واقعي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته پنج اهلڪارن سميت يارنهن ڄڻا زخمي ٿي هئا.