ٽنڊو محمد خان ۾ عدالت پاران ٻن جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏهه، ڏهه سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ سٺ هزار رپيا ڏنڊ

news

ٽنڊو محمد خان: سومر 21 آڪٽوبر 2019ع، ٽنڊو محمد خان ۾ 6  مهينا اڳ ٽنڊو محمد خان شهر جي شوگر مل گرائونڊ ٻاهران 15 سالا  جي جمنا سامي سان اجتماعي لڄالٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن هر هڪ رجب ۽ روشن شيخ کي ٽنڊو محمد خان جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت سڳوري جمنا سامي سان اجتماعي لڄالٽ ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين 10 ، 10 سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ 60 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

ٻنهي سزا ٻڌايل جوابدارن کي سينٽرل جيل حيدرآباد اماڻيو ويو آهي . ياد رهي ته 6 مهينا اڳ سجاول واسڻ 15 سالا جي جمنا سامي کي ٽنڊو محمد خان ۾ فوجي شوگر مل گرائونڊ وٽان پرسرار طور تي ڪچو شراب پياري ساڻس لڄالٽ ڪرڻ جو واقعو پيش آيو هو .

جنهن ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي مشترڪه ڪالوني جا رهواسي ٻه جوابدار رجب ۽ روشن شيخ اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل هئا.