ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چهلم ۽ عزاداري ڪئي وئي، سبيلون، ننگر نياز تقسيم

news

نوابشاهه: سومر 21 آڪٽوبر 2019ع، ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چهلم جي عزاداري نوابشاهه ۾ هزارين عاشقان اهلبيت جو ياحسين ڪربلا جي نعرن جا سرشار ماتم پوليس جي سخت نگراني شهر جي گهٽين، چوڪ چوراهن تي سبيلون، ننگر نياز تقسيم

خبر موجب اسلام جي سر بلندي لاءِ پنهنجي مقدس اهلبيت ۽ ساٿين سميت ڪربلا ۾ جانين جو نذرانو ڏئي تاريخ ۾ شهيدن جي سردار جو لقب ماڻيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ شهيدن جي ياد ۾ نوابشاهه شهر ۾ چهلم جي عزاداري انتهائي عقيدت احترام جوش جذبي سان برپا ڪئي وئي۔

شهر جي مختلف 25 کان وڌيڪ امام بارگاهن مان ننڍا وڏا قافلا علم، تعزيا، ذوالجناح، شهزادي اصغر جي پيگهن سان گڏ مرڪزي مرتضوي امام بارگاهه موهِڻي بازار پهتا جتان هزارين عاشقان اهلبيت جو جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي راويتي رستن تان ٿيندو گولچڪري پهتو۔

جتي مجلس عزا کانپوءِ زنجير زني ڪئي وئي بعد ۾ مرڪزي جلوس غريب آباد ۾ واقع نوابشاهه هائوس پهتو جتي نماز ظهرين ادا ڪئي وئي ۽ ننگر نياز تقسيم ڪيو ويو۔

انهي کانپوءِ جلوس مبدت العلوم امام بارگاهه عيسر پوره پهتو جتي مجلس عزا ننگر نياز ۽ نوحي خواني ۽ ماتم داري ڪئي وئي جنهن بعد شهداءِ ڪربلا جي عاشقن جو جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو ٻيهر مرڪزي امام بارگاهه پهچي جتي الوداعي زنيجر زني جو پرسو ڏيڻ بعد ننگر نياز تقسيم ڪيو ويو۔

انهي موقعي تي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد پاران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت ۽ غير روايتي قدم کنيا ويا ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ 600 اهلڪارن، عملدارن ۽ آفيسرن تي مشتمل پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪارن سان گڏو گڏ شعيه علماءِ ڪائونسل طرفان جعفريه يوٿ، العجل اسڪائوٽ جا جوان مقرر ڪيا ويا جن ۾ پوليس جا ٻه ڊي ايس پي، 4 انسپيڪٽر، 8 سب انسپيڪٽر، 11 اي ايس آءِ، 12 جمعدار، 14 ليڊي پوليس اهلڪار ۽ 345 سپاهي شامل هئا ۔

ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جي هن مقدس فريضي دوران ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو.