ڊيره اسماعيل خان ٽرئفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا ڇهه ڀاتي فوت

news

ڊيره اسماعيل خان: ڊيره اسماعيل خان ۾ پشه پل تي بس ۽ ڪار ۾ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندا جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.  حادثي ۾ هڪ عورت به زخمي ٿي آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مقامي ذريعن موجب هن ڏکائيندڙ حادثي ۾ ڊي ايڇ ڪيو ڊيره اسماعيل خان جي شعبي سي سي يو ۾ مقرر ڊاڪٽر نسيم ڪنڊي سميت خاندان جا 6 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن.

فوت ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر نسيم جا ٻه پٽ، ٻه ڀيڻون ۽ ماءُ به شامل آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر نسيم جي زال شديد زخمي آهي، جنهن کي سول اپستال ڊيره اسماعيل خان منتقل ڪيو ويو آهي.