نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ حاجي جاڙو خان هوت جي رهواسين مردن عورتن ۽ ٻارڙن احتجاجي مظاهرو

news

نوابشاهه: سومر 21 آڪٽوبر 2019ع، نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ حاجي جاڙو خان هوت جي رهواسين مردن عورتن ۽ ٻارڙن هٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻِي ويهي رهيا۔

انهي سلسلي ۾ عبدالستار هوت انهي جي زال ريحانه ۽ پيء عزيز الله ۽ ٻين ٻڌايو ته اٽڪل هڪ مهينو ٿي ويو آهي اسان جي ٽن سالن جي نياڻي ذڪيه ڌي عبدالستار هوت کي رات جو مڇرداني ڦاڙي اغوا ڪري بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيو هنن چيو ته تعلقي ٿاڻي جي پوليس اغوا کان وٺي هن وقت تائين ڪيس ۾ ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري آهي جيڪڏهن ڪنهن با اثر ماڻهو جو ڪيلي جو ڏونگر چوري ٿئي ٿو يا مسڪين ماڻهو مانڍڙي ۾ سوپاريون کپائي ٿو ته اهي جوابدار فوري طور تي گرفتار ٿي وڃن ٿا۔

اسان جو معصوم ٻارڙو بيگناهه قتل ٿي ويو آهي انهي جي قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي هنن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته قرآن پاڪ جي صدقي اسان جي معصوم ٻچڙي جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙِي ۾ آڻي اسان کي انصاف ڏنو وڃي.

انهي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه ابرار احمد جعفر مظاهرين وٽ پهتو ۽ کين يقين ڏياريو ته مان ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد کي چوندس ته جيئن توهان جو مسئلو جلد حل ٿي وڃي ۽ بيگناهه قتل ٿيل معصوم نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي۔

ڊپٽي ڪمشنر جي يقين ڏيارڻ بعد مظاهرين مظاهرو ختم ڪري ڇڏيو۔