ڪرتارپور راهداري منصوبو، ڀارت پاڪستان جا شرط مڃي ورتا

news

اسلام آباد: ڪرتارپور راهداري منصوبو کولڻ جي حوالي سان ڀارت پاڪستاني مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان جي طرفان ڪجهه ڏينهن پهرين مسودو ڀارت جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ڪرتارپور راهداري جي رستي سک ياترين کان 20 ڊالر انٽري فيس وصولي جو اصولي فيصلو ڪيو ويو هو.

جڏهن ته ڀارت ان کي جواز بڻائي فائنل مسودي تي صحيح نه ڪئي ۽ ڀارت جي پرڏيهي معاملن واري وزارت پاڪستان کي درخواست ڪئي ته هو فيس جي فيصلي تي نظرثاني ڪري ڇو ته فيس لاڳو ٿيڻ سان ياترين جي تعداد متاثر ٿي سگهي ٿي.

سفارتي ذريعن موجب پاڪستان جو ڪرتارپور راهداري تي اصولي موقف برقرار آهي ۽ هاڻ ڀارت پاڪستان جي مسودي تي رضامند ٿي ويو آهي. ڀارت ياترين جي لاءِ 20 ڊالر سروس چارجز ادائيگي جي شرط مڃي ورتي آهي ۽ معاهدي جي مسعودي ۾ معمولي اختلاف ختم ٿي ويا آهن.

سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي طرفان 23 آڪٽوبر تي ڪرتارپور راهداري معاهدي تي صحيحون ٿينديون، جڏهن ته اهو طئه ڪرڻ باقي آهي ته معاهدن تي صحيحن واري تقريب ڪرتارپور زيرو پوائنٽ يا واهگا بارڊر تي ٿيندي.