ڀارت پنهنجي آرمي چيف جي ڪوڙ کي سچ ثابت نه ڪري سگهيو: آءِ ايس پي آر

news

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڀارت وٽ پنهنجي آرمي چيف جي ڪوڙي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ جو جواز ئي ناهي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته ڀارت وٽ پنهنجي آرمي چيف جي ڪوڙي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ جو جواز ئي ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جو دورو نٿو ڪرائڻ چاهي ته اسان جي پرڏيهي آفيس کي جڳهه ئي ٻڌائي ڇڏي. اسان عالمي ميڊيا ۽ سفارتڪارن کي انهن جي ٻڌايل جڳهه تي وٺي وينداسين.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان دنيا کي ڏيکارينداسين ته زميني حقيقتون ڇا آهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي آرمي چيف چيو هو ته ڀارتي فوج پاڪستاني حدن ۾ ٽي ٽريننگ ڪئمپس تباهه  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هو پنهنجي ان ڪوڙ کي سچ ثابت ڪري نه سگهيو.

پاڪ فوج ڀارتي آرمي چيف جي دعويٰ کانپوءِ چيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ دهشتگردن جي ڪا به ڪئمپ موجود ناهي ۽ ڀارت چاهي ته ان جو سفارتخانو غير ملڪي ميڊيا سان گڏ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري سگهي ٿو.