شيخ رشيد احمد مولانا فضل الرحمان کي وچ وارو رستو ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي

news

راولپنڊي: (اڱارو 22 نومبر 2019ع) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان کي وچ وارو رستو ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان ان ڳالهه جو حامي آهيان ته جيڪڏهن مولانا کي فيس سيونگ ڏيڻي پئي ته اها به ڏينداسين. جي يو آءِ اڳواڻ کي تنقيد جو نشانو بنائنيدي هن چيو ته ڪشمير مسئلي سان مولانا فضل الرحمان جو ڪوبه واسطو ناهي هو ٻن سالن کان ڪشمير ڪميٽي ۾ رهيو پر هن ڪشمير لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.

شيخ رشيد احمد چيو ته پهريان ئي چيو هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خطرناڪ ذهن رکي ٿو. هو سلامتي ڪائونسل جي مستقل رڪنيت چاهي ٿي. اهڙين حالتن ۾ مولانا فضل الرحمان کي به مشورو ڏنو هو. هن خبردار ڪيو ته ماڻهن کي هٿياربندن جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون. جيڪڏهن ڪنهن ائين ڪيو ته قانون حرڪت ۾ ايندو. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ميڊيا ڏهن جي جڳهه تي سو ايم جي جي هوا ڀري ڇڏي آهي جيڪو هاڻ ڦاٽڻ وڃي رهيو آهي.

ريلوي واري چيو ته سموري زندگي اهوئي ٻڌو آهي ته مخالف ڌر وزيراعظم کان استعيفيٰ گهري رهي آهي پر ان جي سزا ماڻهن ڀڳتي آهي. هن کائڻ پيئڻ جي شين واري قيمتن ۾ اضافي جو ذميوار اڳوڻي حڪومتن کي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي سرحدن تي فوجون موجود آهن ۽ ڪلسٽر بمن جو به استعمال ٿي رهيو آهي پر پاڪستان کي خطرو اندر کان آهي ٻاهر کان ناهي.

هن ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته اسان ايٽم بم ڏسڻ جي لاءِ ناهن ٺاهيا هي استعمال ڪرڻ جي لاءِ رکيو آهي ۽ ضرورت پئي ته ان کي استعمال به ڪنداسين.