سنگاڪارا ايم سي سي سان گڏ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان اچڻ لاءِ بيچين بڻيل

news

لنڊن: (اڱارو 22 نومبر 2019ع) اڳوڻي سريلنڪا جي ڪپتان ڪمار سنگاڪارا هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان اچڻ لاءِ بيچين بڻيل آهي.

ڪمار سنگاڪارا ان بس ۾ سوار هو جنهن تي 10 سال اڳ لاهور ۾ دهشتگردن فائرنگ ڪئي هئي.

هاڻ سنگاڪارا ايم سي سي جو صدر بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايم سي سي جو پاڪستان جو دورو ٿيو ته  مان به گڏ ضرور  ويندس. في الحال اسان جون ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.

پي سي بي جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ڪيتريون ئي بريفنگون ڏنيون آهن جيڪڏهن اسان جي ڪلب جو دورو ٿيو ته هي هڪ اهم قدم هوندو.