ريما جي ڀيٽ ۾ صائمه بهترين اداڪاره آهي: اداڪاره ريشم

news

اسلام آباد: (اڱارو 22 نومبر 2019ع) اداڪاره ريشم چيو آهي ته ريما جي ڀيٽ ۾ صائمه بهترين اداڪاره آهي. فلم انڊسٽري جي زوال جا ذميوار سمورا اداڪار آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب ريشم چيو آهي ته اداڪاره ريما اداڪاره جي بجاءِ هڪ سٺي ڊانسر آهي. ان جو ڪوبه اهڙو ڪردار بهتر ناهي جنهن کي ڏسي مان متاثر ٿي هجان.

هڪ سوال جي جواب ۾ ريشم چيو ته فلم انڊسٽري جي زوال جا ذميوار سمورا اداڪار آهن ۽ مون کي به ڪيتريون ئي فلمون ڪرڻ تي افسوس آهي.

اداڪاره ٻڌايو ته  مان ٽي وي تي هميشه ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. محمود ڀٽي سان شادي نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته محمود پاڪستان ۾ نٿي رهڻ چاهيو ۽ مان پاڪستان کي ڇڏڻ نٿي چاهيو جنهن سبب اسان ٻنهي وچ ۾ فاصلا پيدا ٿيا.